اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيُون پائيدار امن ۾ تبديل ٿيڻ جي يقين جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا پاڪستان تي تاريخي اعتماد ڪيو آهي، 1979ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻئي ملڪ اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميز تي ويٺا، پاڪستان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سعودي عرب سان دفاعي معاهدو …
اُميد آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيُون پائيدار امن ۾ تبديل ٿينديُون، دنيا پاڪستان تي تاريخي اعتماد ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيُون پائيدار امن ۾ تبديل ٿيڻ جي يقين جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا پاڪستان تي تاريخي اعتماد ڪيو آهي، 1979ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻئي ملڪ اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميز تي ويٺا، پاڪستان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سعودي عرب سان دفاعي معاهدو حرمين شريفين جي دفاع جي عزم جي تجديد آهي، آزادي ۽ قانوني حق ملڻ تائين پاڪستان مظلوم ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، گڏيل اتحاد ۽ افهام ۽ تفهيم ۽ مثالي ڪردار سان مسئلن جو حل ڪڍنداسين، پشاور کان ڪراچي تائين پوري قوم اڄ هڪ جان آهي، امت کي ورڇ ڪندڙ ۽ دهشتگردي ۾ ملوث عنصر مسلمان سڏرائڻ جا حقدار آهن، عالم امت ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ وفاقي وزيرن، فلسطين جي قاضي القضاته ۽ فلسطيني صدر جي مذهبي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر محمود الهباش، مفتي اعظم والاريل بيت المقدس شيخ محمد احمد حسين، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر محمود اشرفي ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان علماءِ ڪائونسل ۽ انٽرنيشنل تنظيم حرمين شريفين کي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته هي بي مثال اجتماع اتحاد امت جي جهلڪ پيش ڪري رهيو آهي ۽ پورو يقين آهي ته گڏيل اتحاد، افهام ۽ تفهيم ۽ مثالي ڪردار جي ذريعي مسئلن جو حل ڪڍنداسين. هن چيو ته هي ڪانفرنس اهڙي مرحلي تي منعقد ٿي رهي اهي جڏهن تازو ئي خطي ۽ دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ لکي آهي، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 11 ۽ 12 اپريل تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا جو پاڪستان جي دعوت تي انهن جا وفد پاڪستان آيا، عارضي جنگبندي تي متفق ٿيا ۽ ثالثي جي حوالي سان پاڪستان جي دعوت قبول ڪئي، هي اهو تاريخي اعتماد آهي جيڪو دنيا پاڪستان جي مٿان ڪيو آهي، تازي تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال نه ٿو ملي، 1979ع کانپوءِ هي پهريون موقعو آهي جو آمريڪي ۽ ايراني قيادت آمهون سامهون اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميز تي ويٺي، اها هڪ ننڍڙي خدمت آهي جيڪا پاڪستان اسلامي دنيا جي لاءِ ۽ دنيا جي امن جي لاءِ سرانجام ڏني ۽ انتهائي تدبر، حڪمت، جوش ۽ ولولي ۽ الله تعالى جي وڏي فضل ۽ ڪرم سان پختي عزم سان ڳالهه ٻولهه جا دروازا کليا. وزيراعظم چيو ته کيس پورو يقين آهي ته انشاءَالله اها ڳالهه ٻولهه پائيدار امن ۾ جلد بدلجندي ۽ هن خطي ۾ امن قائم ٿيندو ۽ وڌيڪ حياتيون ضايع نه ٿينديون، ان حوالي سان جتي پاڪستان اهو هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي اتي پنهنجي انتهائي پياري ڀاءُ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن ان امن ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح اسان جي عظيم دوست چين، ڀائر ملڪ ترڪيه به ان نيڪ ڪم ۾ ڀرپور حصو وڌو. وزيراعظم چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه ٻولهه ۾ انتهائي شاندار ڪردار ادا ڪيو ۽ ان کان وڌيڪ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڌرين کي جنگبندي تي راضي ڪيو، ڳالهه ٻولهه جي ميز تي ويهاريو ۽ انهن کي قائل ڪيو، انهن ڏينهن رات ڀرپور ڪوششون ڪيون جيڪي اڃا تائين جاري آهن ۽ تاريخ ۾ انهن ڪوششن کي سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو، اسان سڀ دعاڳو آهيون ته الله تعالى اهي ڪوششون ڪامياب ڪري. وزيراعظم چيو ته تازي آزمائش ۾ جتي پاڪستان مسلمان امت ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي مفاد ۾ انتهائي متوازن ۽ اصولي موقف اختيار ڪيو اتي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي به هڪ نئين تاريخ لکي آهي، حرمين شريفين جي پاڪ زمين جو تحفظ، دفاع ۽ سلامتي اسان کي انتهائي مقدم ۽ جان کان وڌيڪ عزيز آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو اسان جي مضبوط عزم جي تجديد آهي. وزيراعظم چيو ته دين اسلام امت جي اتحاد، گڏيل احترام ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو درس ڏي ٿو ۽ تفرقي ۽ تڪرارن کي رد ڪري ٿو، اسلام امن جو دين آهي، حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، تازي بحران دوران فرقي ۽ مسلڪ کان مٿانهون ٿي پوري قوم 1947ع وانگر هڪ جان ٻه دل نظر آئي ۽ اڃا به پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر هڪ آهي ۽ اها اهو چاهي ٿي ته امن قائم ٿئي ۽ جنگ جو سدائين جي لاءِ خاتمو ٿئي، پاڪستان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمن کي اپيل ڪئي ته اهي امت ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، پشاور کان ڪراچي تائين پوري قوم هڪ جان ٻه دل آهي، اهي عنصر جيڪي امت کي ورهائن ٿا ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن اهي مسلمان سڏرائڻ جا حقدار نه آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي اڄ ٻيهر ان موقف جي تجديد ڪريان ٿو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يقين ڏياريان ٿو ته پنهنجي مظلوم ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي ۽ انهن جو قانوني حق ملڻ تائين پاڪستان ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جو ساٿ ڏيندو رهندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته گذريل ٻن مهينن ۾ پاڪستان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن، اڄ عالمي دنيا پاڪستان جي سفارتڪاري جي معترف آهي، پاڪستان هر فورم تي فلسطين جو مسئلو اٿاريو آهي، فلسطين مسئلي تي پاڪستان جو موقف پختو آهي. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت جي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي شيلڊز پيش ڪيون، فلسطين ۽ سعودي عرب جي وفدن جي سربراهن وزيراعظم کي شيلڊز ڏنيون. وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ اعزازي شيلڊ ڏني جيڪا سعودي سفير وصول ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب جي سفير، فلسطين جي مفتي اعظم ۽ عالمي اسلامي يونيورسٽي جي صدر کي پڻ شيلڊز ڏنيون جڏهن ته مفتي اعظم والاريل بيت المقدس محمد احمد حسين خصوصي دعا ڪرائي.










