اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ بامعنى ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ خطي ۽ ان کان ٻاهر مسلسل سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهڙن خيالن جو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق پاران ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ بامعنى ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ خطي ۽ ان کان ٻاهر مسلسل سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ ناليوارن عالمي ۽ قومي عالمن ۽ اسڪالرز جي شرڪت جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ڪانفرنس جو انعقاد هڪ وقت سر قدم آهي جنهن کي ساراهڻ گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين بابت پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسلم اتحاد جي اهميت، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي مرڪزي ڪردار ۽ مسلمان امت جي ڀلائي جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪستان جي ڪردار ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ثابت قدمي ۽ قومي عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ “معرڪه حق” جي سالگرهه جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي قومي ويزن جو مرڪزي ٿنڀ آهي.










