اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ “ڪميٽي فار مانيٽرنگ اينڊ امپلي مينٽيشن آف ڪنورزيشن اينڊ ايڊيشنل ايسٽيريٽي ميئرز” جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم حڪومت پاران اڳ ۾ اعلان ڪيل ڪفايت شعاري جي مختلف قدمن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو. هن چيو ته جيتوڻيڪ ٻارڻ جون عالمي قيمتون …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري جي قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ “ڪميٽي فار مانيٽرنگ اينڊ امپلي مينٽيشن آف ڪنورزيشن اينڊ ايڊيشنل ايسٽيريٽي ميئرز” جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم حڪومت پاران اڳ ۾ اعلان ڪيل ڪفايت شعاري جي مختلف قدمن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو. هن چيو ته جيتوڻيڪ ٻارڻ جون عالمي قيمتون اڃا به تمام گهڻيون آهن ان لاءِ حڪومت سميت هر ڪنهن جو قومي فرض آهي ته ڪفايت شعاري جي قدمن تي صحيح معنى ۾ عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته انتهائي اهم ۽ فوري نوعيت جي ڪمن جي لاءِ جيڪي انهن قدمن کان متاثر ٿين ٿا کي “ڪابينا ڪميٽي فار مانيٽرنگ اينڊ امپلي مينٽيشن آف ڪنورزيشن اينڊ ايڊيشنل ايسٽيريٽي ميئرز” جي قدمن جي لاءِ غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو ته جيئن حڪومت جي ضروري ڪمن تي ٺاهه نه ٿئي. اجلاس ۾ پيٽروليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام، موسمياتي تبديلي وارن وزيرن، ناڻي واري مملڪتي وزير، ڪابينا، اسٽيبلشمينٽ، ڪامرس، پيٽروليم، ثقافت ۽ ورثي وارن سيڪريٽرين سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي.










