اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اهتمام هيٺ “سرحدن کان مٿانهون سچ: تڪراري حالتن ۾ جعلي خبرن جو مقابلو” جي عنوان سان هڪ ويبينار منعقد ٿيو جنهن ۾ مقررين غلط معلومات جي مختلف خطرن جي نشاندهي ڪندي حقيقتن جي تحفظ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ويبينار جي شروعات قرآن پاڪ جي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اهتمام هيٺ “سرحدن کان مٿانهون سچ: تڪراري حالتن ۾ جعلي خبرن جو مقابلو” جي عنوان سان ويبينار منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اهتمام هيٺ “سرحدن کان مٿانهون سچ: تڪراري حالتن ۾ جعلي خبرن جو مقابلو” جي عنوان سان هڪ ويبينار منعقد ٿيو جنهن ۾ مقررين غلط معلومات جي مختلف خطرن جي نشاندهي ڪندي حقيقتن جي تحفظ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ويبينار جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. ويبنار ۾ يونيورسٽين، ميڊيا، سفارتي مشنز ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ بحران وارين حالتن ۾ ڪوڙي معلومات جي اثرن جائزو ورتو. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل رئيسه عادل شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته ان بحث جو مقصد تڪراري حالتن ۾ غلط معلومات جي وڌندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ آهي. هن چيو ته غيرتصديق ٿيل ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي پهچ عوامي اعتماد کي متاثر ڪري ٿي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ڏکيو بنائي ٿي. هن زور ڏنو ته انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ صحيح معلومات جي فروغ جي لاءِ ادارن ۽ ملڪن جي وچ ۾ تعاون لازمي آهي. هن چيو ته ويبنار ماهرن کي معلومات رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ اعتبار کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عملي تجويزون پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ مان به ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي صدر ايمبيسڊر جوهر سليم چيو ته موجوده معلوماتي منظرنامي ۾ جعلي خبرن جو مسئلو مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي فروغ سان هٿ ٺوڪيي مواد جي پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري حقيقت ۽ افساني ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ انٽرنيٽ سان تصديق ٿيل معلومات تائين پهچ بهتر ٿيڻ جي اميد هئي تنهن هوندي به ان غيرتصديق اطلاعن جي تيز تر پهچ کي به ممڪن بڻايو. هن چيو ته دنيا ۾ هائبرڊ جنگي حڪمت عملين تحت گمراهه ڪندڙ معلوماتي مهمن تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. تازي علائقائي ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته تڪرار هاڻي رڳو عسڪري ڪاررواين تائين محدود ناهن رهيا پر ان سان گڏ متوازي بيانين جي جنگ پڻ هلي ٿي. سندس چوڻ هو ته عالمي سطح تي پنهنجو موقف پيش ڪندڙ ملڪن جي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل مستقل پيغام پهچائڻ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن گمراهه ڪندڙ مهمون قابل تصديق معلومات سان هڪ جهڙائي نه رکن ته اهي پنهنجي ساک وڃائي ڇڏين ٿيون. ان موقعي تي ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ پاران آن لائين غلط معلومات جي رجحانن ۽ ڪوڙي بيانين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ذريعن تي تفصيلي پريزنٽيشن پڻ ڏني وئي. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ظفر نواز جسپال چيو ته معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيو آهي جيڪو واقعن جو جائزو وٺڻ ۽ اهو ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته قومي بيانيو ڪهڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويو. هن چيو ته اهو جانچڻ ضروري آهي ته ڇا حڪومتي ادارن، محققين ۽ ماهرن پاران پيش ڪيل موقف عالمي برادري تائين پهتو يا نه ۽ ڇا اهو حقيقتن جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته اپريل 2025ع جي واقعن کان اڳ علائقائي صورتحال بابت عالمي تصور مخصوص بيانين سان جوڙيا ويندا هئا تنهن هوندي به 22 اپريل کان 10 مئي تائين جي عرصي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي انهن تصورن جو نئين سر جائزو وٺڻ تي مجبور ڪيو. ڊاڪٽر ظفر نواز جسپال چيو ته ان صورتحال عسڪري ڇڪتاڻ جي انداز ۾ تبديلين کي نمايان ڪيو ۽ دفاعي ۽ جوابي حڪمت عملين جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن عالمي ردعمل جو حوالو ڏيندي چيو ته عالمي سطح تي واقعن جي قبوليت ان ڳالهه تي دارومدار ڪري ٿي ته معلومات کي ڪهڙي انداز سان پيش ڪيو ۽ جانچيو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته وڏين طاقتن ۽ عالمي ماهرن جو ڪردار نتيجن ۽ بيانين جي جوڙجڪ ۾ اهم رهي ٿو. هن چيو ته غيررياستي تڪرارن سان رياستي سطح جي ڇڪتاڻ طرف منتقلي ميڊيا ۽ پاليسي ٻنهي ۾ نئين حڪمت عملين جي ضرورت پيدا ڪري ڇڏي آهي. ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر سلمى ملڪ تڪرارن بابت رپورٽنگ ۾ غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته انهن ٽن عنصرن کي واضح طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته “مِس انفارميشن” مان مراد غيردرست معلومات جي پهچ آهي جڏهن “ڊس انفارميشن” ڄاڻي واڻي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيل ڪوڙي مواد کي چيو وڃي ٿو. سندس موجب پروپئگنڊه مخصوص يا غلط معلومات جي ذريعي عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ڊاڪٽر سلمى ملڪ چيو ته تڪرارن دوران معلومات پاڻ هڪ ميدان جنگ بڻجي وڃي ٿي. هن چيو ته بيانيا اڪثر چونڊ رپورٽنگ ۽ ڊيجيٽل مواد جي ذريعي جوڙيا وڃن ٿا جيڪي ملڪي ۽ عالمي سطح تي عوامي تاثر کي متاثر ڪري سگهن ٿا. هن معلومات جي پهچ کان اڳ تصديق جي عمل ۾ يونيورسٽين ۽ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي پوليٽيڪل قونصلر وانگ شينگ جي جديد معلوماتي نظام ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ ترقي معلومات جي تياري ۽ پهچ جي طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت مواد ۾ ڦيرڦار جا نوان طريقا متعارف ڪرايا آهن، جن ۾ تبديل ٿيل آڊيو ۽ بصري مواد به شامل آهي. سندس موجب معلومات جنگ جديد بحرانن جو هڪ عام عنصر بڻجي چڪي آهي. عالمي رجحانن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته تڪرارن سان گڏ هاڻي ڊيجيٽل مهمون به هلايون وڃن ٿيون جن جو مقصد عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيڻ هوندو آهي. هن چيو ته ميڊيا ادارن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي ذميواري برقرار رکندي فني تبديلين سان هم آهنگ ٿين. هن صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قيادت جي بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجيڪل پليت فارمز بيانيو ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته غلط معلومات امن جي ڪوششن ۽ عوامي فهم جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. هن ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتن، ميڊيا ادارن ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو. ويبينار جي پڄاڻي تڪراري حالتن ۾ ڪوڙي معلومات جي تدارڪ جي لاءِ پاليسي قدمن، ڊيجيٽل خواندگي ۽ عالمي تعاون بابت بحث تي ٿي.










