اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحيره عرب ۾ ڦاٿل غيرملڪي جهاز جي عملي جي وقت سر امداد تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي مهارت ۽ فوري ڪارروائي انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ بنا ڪنهن فرق …
صدر آصف علي زرداري پاران بحيره عرب ۾ ڦاٿل غيرملڪي جهاز جي عملي جي وقت سر امداد تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحيره عرب ۾ ڦاٿل غيرملڪي جهاز جي عملي جي وقت سر امداد تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي مهارت ۽ فوري ڪارروائي انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ بنا ڪنهن فرق جي انساني خدمت اعلى روايتن جو اظهار آهي.










