نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قونصلر معاملن ۽ پاڪستاني شهرين لاءِ خدمتن جي فراهمي بابت جائزه اجلاس

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قونصلر معاملن ۽ پاڪستاني شهرين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. هن پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قونصلر خدمتن ۾ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وڃن جن ۾ پاسپورٽس جي وقت سر ۽ موثر …

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قونصلر معاملن ۽ پاڪستاني شهرين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. هن پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قونصلر خدمتن ۾ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وڃن جن ۾ پاسپورٽس جي وقت سر ۽ موثر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ اندرون ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر ۽ موثر مدد فراهم ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوام خاص طور تي اوورسيز پاڪستانين جي بهتر خدمت جي لاءِ سادو، ٺوس ۽ شهري مرڪز نظام جوڙڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ، گهرو معاملن واري سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت جي ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.