حڪومت 2030ع تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جو هدف مقرر ڪيو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. اسان جو ملڪ هيپاٽائيٽس جي بار ۾ نمايان حصو رکي ٿو، جنهن کي نظر ۾ رکندي فوري ۽ اثرائتا قدم اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. هن ٻُڌايو ته پهرئين مرحلي …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. اسان جو ملڪ هيپاٽائيٽس جي بار ۾ نمايان حصو رکي ٿو، جنهن کي نظر ۾ رکندي فوري ۽ اثرائتا قدم اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. هن ٻُڌايو ته پهرئين مرحلي ۾ اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 21 هيپاٽائيٽس سي سُڃاڻپ وارا ڪائونٽر قائم ڪيا پيا وڃن، جن ۾ گلگت بلتستان ۾ 6 ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 3 ڪائونٽرز شامل آهن. اسلام آباد ۾ پمز اسپتال، فيڊرل جنرل اسپتال (پولي ڪلينڪ) ۽ سي ڊي اي جي مرڪز سميت مختلف بنيادي مرڪز صحت ۾ اهي ڪائونٽرز قائم ڪيا ويندا. ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد ۾ ان پروگرام جو دائرو 84 صحت سهولتن تائين وڌايو ويندو، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 618 ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 1012 صحت مرڪزن تائين توسيع ڏني ويندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ قائم ڪيل 12 ڪائونٽرز کي ايندڙ هفتي تائين فعال ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا سُڃاڻپ وارن ڪائونٽرز تي اسڪريننگ ڪٽس ۽ ٻيون ضروري سهولتن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائين. هن وڌيڪ چيو ته هاڪاري ڪيسن جي تصديق لاءِ پي سي آر ٽيسٽ ڪئي ويندي ۽ هيپاٽائيٽس سي جي سمورن مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وڏي پيماني تي اسڪريننگ، وقت سر سُڃاڻپ ۽ اثرائتي علاج ذريعي ئي صحت جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي آهي ۽ حڪومت 2030ع تائين ان مرض جي خاتمي جو هدف مقرر ڪيو آهي. اجلاس ۾ وفاقي اسپتالن جي سربراهن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسلام آباد، ڊائريڪٽر پروگرام هيپاٽائيٽس سي، چيف ايگزيڪيوٽو قومي ادارو صحت، ڊي جي هيلٿ، انگن اکرن واري اداري جي سي اي او، نادرا جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جو بنيادي مقصد ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ سُڃاڻپ وارن ڪائونٽرز جي قيام ۽ انهن جي تياريءَ جو تفصيلي جائزو وٺڻ هو.

مزید خبریں