اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪتاب “معرڪه حق: دي بيٽل آف ٽُرٿ” کي بيانيي جي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابي جو جامع دستاويز قرار ڏيندي چيو آهي ته معرڪه حق ۾ الله تعالى پاڪستان کي ڀارت جي خلاف عظيم فتح ڏني، بيانيي، سفارتي ۽ عسڪري محاذن تي فتح جي پٺيان قوم جو جذبو ۽ لڳاءُ شامل هو، اسان …
معرڪه حق ۾ الله تعالى پاڪستان کي ڀارت جي خلاف عظيم فتح ڏني، بيانيي، سفارتي ۽ عسڪري محاذن تي فتح جي پٺيان قوم جو جذبو ۽ لڳاءُ شامل هو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪتاب “معرڪه حق: دي بيٽل آف ٽُرٿ” کي بيانيي جي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابي جو جامع دستاويز قرار ڏيندي چيو آهي ته معرڪه حق ۾ الله تعالى پاڪستان کي ڀارت جي خلاف عظيم فتح ڏني، بيانيي، سفارتي ۽ عسڪري محاذن تي فتح جي پٺيان قوم جو جذبو ۽ لڳاءُ شامل هو، اسان حق ۽ سچ تي هئاسين، سچائي کي شڪست ڏيڻ ناممڪن هوندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ پڪچر بڪ “دي بيٽل آف ٽرٿ” جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله تعالى پاڪستان کي جنگ دوران بيانيي، سفارتي ۽ عسڪري محاذن تي فتح عطا فرمائي، معرڪه حق جي ڪاميابي جي پٺيان قوم جو جذبو ۽ لڳاءُ موجود هو. هن چيو ته اسان حق ۽ سچ تي هئاسين، سچائي کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي هوندو. هن چيو ته قومي ۽ عالمي ميڊيا تي بيانيي جي جنگ ۾ اسان جي نوجوان نسل ڀرپور ساٿ ڏنو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت جي مڪاري، ڪوڙ ۽ منافقت سڀني آڏو ظاهر ٿي چڪي هئي، انهن جي بيانيي کي پوري دنيا ۾ ڪير به تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو. وفاقي وزير چيو ته زندهه قومون دنيا ۾ عزت ۽ وقار سان پنهنجو مقام ٺاهينديون آهن. هن چيو ته حق ۽ سچ تي هجڻ جي ڪري الله تعالى جي مدد اسان سان گڏ موجود هئي. هن چيو ته جنگ دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي موجود هئي جنهن تي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو دل سان ٿورائتو آهيان. وفاقي وزير چيو ته اتحاد ۽ اتفاق جي ڪري ئي بيانيي جي جنگ کٽڻ ممڪن ٿيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ علامه محمد اقبال جا ڪجهه شعر پڻ پڙهيا.











