آمريڪا – ايران ڳالهه ٻولهه دوران اطلاعات واري وزارت پاران قائم ڪيل ميڊيا سينٽر صحافين جي ڀرپور ساراهه سهيڙڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ مان آيل صحافين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ قائم جديد ميڊيا فسيليٽيشن سينٽر کي ساراهيندي ان کي عالمي معيار رکندڙ قرار ڏنو آهي. اهو مرڪز آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري اعلى سطحي جنگبندي ڳالهه ٻولهه جي موقعي تي قائم ڪيو ويو جتي ميڊيا نمائندن جي لاءِ جامع ۽ موثر سهولتون فراهم …

اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ مان آيل صحافين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ قائم جديد ميڊيا فسيليٽيشن سينٽر کي ساراهيندي ان کي عالمي معيار رکندڙ قرار ڏنو آهي. اهو مرڪز آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري اعلى سطحي جنگبندي ڳالهه ٻولهه جي موقعي تي قائم ڪيو ويو جتي ميڊيا نمائندن جي لاءِ جامع ۽ موثر سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صحافين ۽ عملدارن موجب اهو مرڪز نه رڳو پيشيواراڻي گهرجن سان هم آهنگ آهي پر حساس نوعيت جي سفارتي ڳالهه ٻولهه دوران معلومات جي پهچ کي منظم ۽ موثر بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي اعلى سطحي عالمي ڳالهه ٻولهه دوران ميڊيا جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي انتهائي اهميت رکي ٿي، جنهن کي پاڪستان حڪومت بهتر انداز ۾ يقيني بڻايو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ٻڌايو ته اهو مرڪز اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي هدايتن تي هنگامي بنيادن تي قائم ڪيو ويو. هن چيو ته هڪ جامع حڪمت عملي تحت ميڊيا نمائندن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ شٽل سروس، ورڪ اسپيس، تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ فني معاونت شامل آهي. سندس چوڻ هو ته مرڪز قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کي هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪرڻ هو جتي اهي بنا رڪاوٽ پنهنجون پيشيواراڻي ذميواريون سرانجام ڏئي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته صحافين کان ملندڙ فيڊ بيڪ انتهائي مثبت آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سمورا انتظام ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا. دفاعي تجزيه نگار ماريه سلطان ان قدم کي هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته مرڪز ۾ ميڊيا، دفاعي ماهرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي لاءِ هڪ جامع ۽ شفاف ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هتان جو ماحول عالمي سربراهي اجلاس جهڙو محسوس ٿئي ٿو جتي هر شيءَ منظم ۽ ٺوس انداز ۾ دستياب آهي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته حساس ڳالهه ٻولهه دوران معلومات جي وهڪري کي محتاط انداز ۾ سنڀالڻ انتهائي ضروري هوندو آهي ۽ ان مرڪز ان ذميواري کي بهتر طريقي سان نڀايو آهي. غيرملڪي صحافين به ان مرڪز جي انتظامن کي ساراهيو. ترڪ صحافي دنيز ڪليسلي اوغلو چيو ته هي سندس پاڪستان جو پهريون دورو آهي ۽ هتان جو تجربو انتهائي مثبت رهيو آهي. هن مرڪز کي منظم قرار ڏيندي چيو ته هتي اسٽوڊيوز، ورڪ اسپيسز ۽ پريس بريفنگ هالز جهڙيون جديد سهولتون دستياب آهن، جيڪي پيشيواراڻي ضرورتن کي مڪمل طور تي پورو ڪن ٿيون. پاڪستاني سينيئر صحافي غريده فاروقي چيو ته اهڙي اهم عالمي ڳالهه ٻولهه جي ميزباني پاڻ پاڪستان جي مثبت تشخص جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته ميڊيا فسيليٽيشن سينٽر جي ڊيزائننگ، فعاليت ۽ سهولتون عالمي معيار موجب آهن، جتي تيز رفتار انٽرنيٽ، وقت سر معلومات جي فراهمي ۽ مناسب ورڪ اسپيس جهڙا عنصر موثر ڪوريج جي لاءِ انتهائي اهم آهن. سينيئر صحافي شهباز راڻا چيو ته اهڙي قسم جا انتظام عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، خاص طور تي جڏهن غيرملڪي ميڊيا ادارا بنا ڪنهن مشڪل جي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. ٻين صحافين حسن ايوب ۽ عامر الياس راڻا پڻ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ سهولتن ۽ ٽيڪنيڪي معاونت کي ساراهيندي چيو ته انهن عملن رپورٽنگ جي عمل کي انتهائي موثر ۽ هموار بڻايو آهي. شرڪت ڪندڙن جو مجموعي طور تي چوڻ هو ته فوري پريس ريليزز جي دستيابي، جديد ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي ماحول ۽ موثر انتظامن ميڊيا ڪوريج کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان قدم کي پاڪستان جي ان صلاحيت جو مظهر قرار ڏنو ته هو پيچيده ۽ حساس نوعيت جي عالمي سرگرمين جي ميزباني انتهائي ڪاميابي ۽ شفافيت سان ڪري سگهي ٿو.