نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان ايران جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر عبدالناصر همتي جي اسلام آباد ڳالهين جي موقعي تي ملاقات

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر عبدالناصر همتي اسلام آباد ڳالهين جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر عبدالناصر همتي اسلام آباد ڳالهين جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي.