پاڪستان امن لاءِ موثر آواز بڻجي اڀريو آهي: دانيال چوڌري

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سڌ سماءَ واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ موثر ۽ فيصلائتو آواز بڻجي اڀريو آهي جنهن جوسهرو گڏيل قيادت ۽ قومي استقامت ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جو تاثر اڪيلائي مان نڪري عالمي اهميت رکندڙ ملڪ طور اڀرڻ دراصل حوصلي، جرئت ۽ اتحاد جي عڪاسي آهي …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سڌ سماءَ واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ موثر ۽ فيصلائتو آواز بڻجي اڀريو آهي جنهن جوسهرو گڏيل قيادت ۽ قومي استقامت ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جو تاثر اڪيلائي مان نڪري عالمي اهميت رکندڙ ملڪ طور اڀرڻ دراصل حوصلي، جرئت ۽ اتحاد جي عڪاسي آهي جيڪو هڪ ذميوار ۽ بااثر علائقائي ڪردار طور پيش ڪري رهيو آهي. هن ان جو ڪريڊٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي قيادت کي ڏنو ۽ چيو ته انهن جي اسٽريٽجڪ بصيرت ۽ جامع حڪمت عملي ملڪ کي ڏکين چئلينجن مان ڪڍي عالمي سطح تي ان جي پوزيشن کي مستحڪم ڪيو. پارلياماني سيڪريٽري آپريشن بنيان المرصوص جي ڪامياب تڪميل جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان پاڪستان جي عسڪري تياري ۽ عزم جو واضح پيغام ويو جيڪو قوم جي طاقت ۽ عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته اسلام آباد جنهن کي ماضي ۾ محدود روشني ۾ ڏٺو ويندو هو هاڻي سفارتڪاري ۽ ڳالهين جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي جتي عالمي سطح جي سرگرمين جي ميزباني ڪئي پئي وڃي ۽ علائقائي تعاون کي هٿي ڏني پئي وڃي. دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان جون مسلسل ڪوششون کيس عالمي برادري ۾ هڪ باوقار ۽ نمايان مقام ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي رهيون آهن جڏهن ته قيادت جو ڌيان امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اڄ هر پاڪستاني ملڪ جي عالمي سطح تي وڌندڙ سڃاڻپ ۽ اثر رسوخ تي فخر ڪري سگهي ٿو.