اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان بحران کان جنگ بندي تائين سفارتڪاري جو اهڙو موثر ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو عالمي طور مستقبل جي جوڙجڪ ۾ نمايان حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي ڳالهين جي ميزباني ڪندي پاڪستان عالمي استحڪام جي راهه هموار ڪرڻ ۾ …
پاڪستان بحران کان جنگ بندي تائين سفارتڪاري جو موثر ڪردار ادا ڪيو آهي: خرم شهزاد
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان بحران کان جنگ بندي تائين سفارتڪاري جو اهڙو موثر ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو عالمي طور مستقبل جي جوڙجڪ ۾ نمايان حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي ڳالهين جي ميزباني ڪندي پاڪستان عالمي استحڪام جي راهه هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن سان ان جي حيثيت هڪ اڀرندڙ امن پسند قيادت طور وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي، آمريڪا، چين، نار ملڪن ۽ روس سميت وڏين عالمي طاقتن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏني پئي وڃي جتي ناممڪن کي ممڪن بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستان سيڪيورٽي، استحڪام ۽ عالمي سطح تي وڏي ايونٽس جي ڪامياب ميزباني ذريعي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي جڏهن ته عالمي سطح تي سندس سڃاڻپ هڪ بااعتماد،سنجيده ۽ مثبت رياست طور اڀري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مهمانوازي عالمي مهمانن کي متاثر ڪري رهي آهي، جڏهن ته سياحت جي شعبي ۾ به ملڪ پنهنجي ثقافت، جبلن ۽ سامونڊي حسن سبب دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي. راندين، ثقافت ۽ گڏيل بقاءَ کي هٿي وٺرائڻ سان پاڪستان ۾ زندگي ڀرپور انداز ۾ جاري آهي ۽ عالمي ميڊيا به هاڻي هڪ مضبوط، اسرندڙ ۽ باوقار پاڪستان کي اجاگر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هاڻي صرف عالمي ڳالهين جو حصو ناهي پر پاڻ هڪ موثر پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي جتي امن، ڳالهين ۽ مستقبل جي رخ جو تعين ڪيو پيو وڃي.












