اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ بامعنيٰ نتيجن تائين پهچڻ خاطر هڪ ذميوار ٽياڪڙ طور پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شبهاز شريف سان ايراني مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايراني مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ ايراني وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ بامعنيٰ نتيجن تائين پهچڻ خاطر هڪ ذميوار ٽياڪڙ طور پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شبهاز شريف سان ايراني مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ ايراني وفد ملاقات ڪئي. اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي به وفد ۾ شامل هو. وزيراعظم اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ بامعنيٰ نتيجن تائين پهچڻ خاطر هڪ ذميوار ٽياڪڙ طور پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن رضا نقوي به موجود هئا.












