ويساکي ميلو 2026ع: سک ياترين جون مذهبي رسمون جاري

لاهور-11 اپريل (اي پي پي) ايويڪيو ٽرسٽ  بورڊ ، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي انتظام هيٺ جاري ويساکي ميلو ۽ 327هين خالصه جنم ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ سک ياترين پاڪستان ۾ پنهنجي ٻئي ڏينهن مختلف مقدس گوردوارون جي ياترا ڪئي. ياترين، ننڪانه صاحب ۾ گوردواره سري ڪياره صاحب، گوررواره تمبو صاحب، گوردواره باليان صاحب، گوردواره پٽي صاحب ۽ گوردواره مالجي صاحب ۾ حاضري ڀري ۽ مذهبي رسمون ادا …

لاهور-11 اپريل (اي پي پي) ايويڪيو ٽرسٽ  بورڊ ، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي انتظام هيٺ جاري ويساکي ميلو ۽ 327هين خالصه جنم ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ سک ياترين پاڪستان ۾ پنهنجي ٻئي ڏينهن مختلف مقدس گوردوارون جي ياترا ڪئي. ياترين، ننڪانه صاحب ۾ گوردواره سري ڪياره صاحب، گوررواره تمبو صاحب، گوردواره باليان صاحب، گوردواره پٽي صاحب ۽ گوردواره مالجي صاحب ۾ حاضري ڀري ۽ مذهبي رسمون ادا ڪيون. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار رميشن سنگهه اروڙه، گوردواره سري ڪياره صاحب جي بحالي نئين سر تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري شزائنز ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ ناصر مشتاق سميت ڀارت ۽ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. منصوبي تحت 40 ڪمرن تي ٻڌل رهائشي ڪامپليڪس تعمير ڪيو ويندو. اختيارين مطابق گوردواره  سري ڪياره صاحب اهو تاريخي هنڌ آهي جتي بابا گرونانڪ ديوجي چوپايو مال چاريندو هو. جنهن جي سک مذهب ۾ خصوصي اهميت آهي.