وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيو

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اهي ڳالهيون خطي ۾ ڊگهي امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اسلام آباد ڳالهين جي شروعات تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪا جي …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اهي ڳالهيون خطي ۾ ڊگهي امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اسلام آباد ڳالهين جي شروعات تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس ملاقات ڪئي. آمريڪي نائب صدر سان گڏ خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشز جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي موجود هئا. ٻنهي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيندي وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ڳالهيون خطي ۾ ڊگهي امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سهولتڪاري جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.