اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جي آن لائن اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ضروري شين جي قيمتن، ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۽ سپلائي چين جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. رٿابندي واري وزارت موجب اجلاس کي بريفنگ ڏيندي شماريات کاتي آگاهه ڪيو ته حڪومتي سبسڊي سبب ٽرانسپورٽ خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو آن لائن اجلاس
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جي آن لائن اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ضروري شين جي قيمتن، ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۽ سپلائي چين جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. رٿابندي واري وزارت موجب اجلاس کي بريفنگ ڏيندي شماريات کاتي آگاهه ڪيو ته حڪومتي سبسڊي سبب ٽرانسپورٽ خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀاڙن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي وفاقي وزير سنڌ حڪومت کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي. انگن اکرن موجب گذريل هفتي دوران 8 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته 28 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ٿوم، ڪيلا، ڪڪڙ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ ترتيبوار 3.78 سيڪڙو، 3.39 سيڪڙو، 1.5 سيڪڙو ۽ 0.73 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڊيزل، پيٽرول، ٽماٽر، ايل پي جي ۽ پٽاٽن جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. شماريات کاتي موجب حساس قيمت اهڃاڻ (SPI) ۾ مجموعي طور استحڪام رهيو ۽ هلندڙ هفتي ۾ اها شرح 1.93 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، گيهه ۽ کاڄرو تيل جون قيمتون به مستحڪم رهيون، جڏهن ته عالمي سطح تي فرٽيلائيزر جي قيمتن ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ قيمتون مستحڪم رهيون. اجلاس ۾ ڪيترن ئي شهرن خاص ڪري ڪراچي ٿوڪ ۽ پرچون جي قيمتن ۾ نمايان فرق تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جتي ٽماٽن ۽ پٽاٽن جي قيمتن ۾ ترتيبوار 142 سيڪڙو ۽ 117 سيڪڙو تائين فرق ڏٺو ويو، وفاقي وزير صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته ٿوڪ ۽ پرچون قيمتن ۾ توازن يقيني بنائين. وفاقي وزير احسن اقبال لاڳاپيل عملدارن کي منافعي خوري ۽ ذخيرو اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ، فرٽيلائيزر جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بنائڻ ۽ ايندڙ فصلن جي پوکي کي نظر ۾ رکندي ڀاڻ جي دستيابي هر صورت ۾ برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي، هن قيمتن جي لاهن چاڙهن جي نگراني رکڻ ۽ مانيٽرنگ نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي زور ڀريو،ا جلاس جي پڄاڻي تي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جون خاص هدايتون آهن ته عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ کاڌي پتي جي شين جي قيمتن کي غير معمولي حد تائين روڪيو وڃي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٽرانسپورٽرز ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ حڪومتي سبسڊي جا ثمر عوام تائين پهچائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حالتون اڃان به مڪمل طور معمول تي ناهن آيون ان جي ڪري قيمتن جي استحڪام لاءِ جامع ۽ سنجيده قدمن جو سلسل اڻٽر آهي.












