اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بداعتمادي کي ڳالهين تي فوقيت، تحمل غالب اچڻ گهرجي ۽ حڪمت کي جنگ جي جذبي تي فتح حاصل ڪرڻ گهرجي، تڪرارن جو جاري رهڻ نه رڳو خطي پر عالمي برادري لاءِ تباهي پکيڙيندڙ هوندو. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير …
جنگ نه ڳالهيون وقت جي ضرورت آهن، احسن اقبال جو عالمي برادري کي پيغام
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بداعتمادي کي ڳالهين تي فوقيت، تحمل غالب اچڻ گهرجي ۽ حڪمت کي جنگ جي جذبي تي فتح حاصل ڪرڻ گهرجي، تڪرارن جو جاري رهڻ نه رڳو خطي پر عالمي برادري لاءِ تباهي پکيڙيندڙ هوندو. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي اسلام آباد امن ڳالهين جي ميزباني ۽ متحارب ڌرين کي جنگ جي ميدان مان ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي قيادت سميت سمورن ڀائر ملڪن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن تعميري ڪوششن سان امن جو اهو موقعو ممڪن بڻايو آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اسانجي ڪوشش جي رهنمائي هڪ سادي يقين سان ٿي آهي، ته بداعتمادي کي ڳالهين ڏينهن آڻڻ گهرجي، تحمل کي غالب اچڻ گهرجي ۽ حڪمت کي جنگ جي جذبي تي فتح حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تڪرارن جو جاري رهڻ نه رڳو خطي پر عالمي برادري لاءِ تباهي پکيڙيندڙ هوندو. وفاقي وزير چيو ته اهو بحران هاڻي علائقائي معاملو ناهي رهيو. ان جا معاشي آفٽر شاڪس اڳ ۾ ئي آسٽريليا کان وٺي آمريڪا سميت سمورن 193 ملڪن ۾ مهانگائي جي دٻاءُ، توانائي جي فراهمي ۾ رنڊڪ، غير مستحڪم مارڪيٽن ۽ وڌندڙ غير يقيني صورتحال ذريعي محسوس ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن تڪرار جاري رهي ها ته وڌيڪ لکين ماڻهو غربت جو شڪار ٿين ها، ناڪامي جو بار رڳو ويڙهاڪن تي نه پوندو پر جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل عدم تحفظ، مهانگائي ۽ عدم استحڪام سڄي دنيا جا عام مرد، عورتون ۽ ٻار برداشت ڪندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. انهن جي ڪاميابي نه رڳو علائقائي امن لاءِ پر سڄي دنيا جي لکين خاندانن جي معاشي تحفظ ۽ مستقبل لاءِ به اهم هوندي. هن چيو ته تاريخ اهو ياد نه رکندي ته مشڪل ڪنهن پيدا ڪئي هئي پر انهن ماڻهن کي ياد رکندي جن هڪ وسيع جنگ کي روڪڻ لاءِ دانشمندي ۽ حڪمت عملي جو مظاهرو ڪيو. پنهنجي ٽوئٽ جي آخر ۾ احسن اقبال سي اين اين، بي بي سي ورلڊ، رائٽرز، اي جي انگلش، اي پي، پاڪستان جي سفارتي فتح، امن ڳالهيون، اسلام آباد معاهدو، امن جو سفير پاڪستان، امن کي لازمي فتح حاصل ٿيڻ گهرجي ۽ ايران جنگ جا هيش ٽيگز به شيئر ڪيا.












