اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواه مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون سومر 13 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ان سيٽ لاءِ پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 13 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته ٽربيونل پاران انهن اپيلن کي 15 اپريل …
خيبر پختونخواه مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 13 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواه مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون سومر 13 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ان سيٽ لاءِ پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 13 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته ٽربيونل پاران انهن اپيلن کي 15 اپريل تائين اڪلايو ويندو، نظر ثاني ٿيل لسٽ 16 اپريل، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 17 اپريل تائين واپس ورتا ويندا. پولنگ 23 اپريل تي خيبرپختونخواه اسيمبلي بلڊنگ ۾ صبح جو 9:00 کان منجنهد 4 وڳي تائين ٿيندي، اها سيٽ مراد سعيد جي نا اهلي سبب خالي ٿي آهي.












