پاڪستان ۾ لسٽڊ دوائن جي شعبي جي منافعي ۾ گذريل سال دوران 78 سيڪڙو اضافورڪاڊ

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ لسٽڊ دوا سازي جي شعبي ۾ گذريل سال دوران 78 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي، سال 2025ع دوران شعبي جو منافعو 42.2 ارب روپين تائين وڌي ويو آهي. ٽاپ لائين سڪيورٽيز جي تجزياتي رپورٽ موجب سال 2024ع جي آخري ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ گذريل سال جي ان عرصي دوران دوا سازي جي شعبي جي منافعي ۾ 53 سيڪڙو اضافو …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ لسٽڊ دوا سازي جي شعبي ۾ گذريل سال دوران 78 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي، سال 2025ع دوران شعبي جو منافعو 42.2 ارب روپين تائين وڌي ويو آهي. ٽاپ لائين سڪيورٽيز جي تجزياتي رپورٽ موجب سال 2024ع جي آخري ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ گذريل سال جي ان عرصي دوران دوا سازي جي شعبي جي منافعي ۾ 53 سيڪڙو اضافو رڪاڊ ڪيو ويو ۽ شعبي جو منافعو آڪٽوبر کان ڊمسبر 2024ع ۾ ڪمايل 9.3 ارب منافعي جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025ع دوران 14.2 ارب روپين تائين پهچي ويو. رپورٽ موجب دوا سازي جي شعبي جي خالص سيلز ۾ پڻ گذريل سال 2025ع دوران 14 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ شعبي جي سيلز سال 2024ع جي 319. 6 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ سال 2025ع ۾ 365.7 ارب روپيا رهي. واضع رهي ته گذريل سال لاءِ دوا سازي جي لسٽڊ شعبي پاران 21.1 ارب روپين جي ماليت جي ڊيويڊنڊز جون ادائگيون ڪيون ويون جڏهن ته 2024ع دوران ادائگين جو ڳاڻيٽو 12 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو.