وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عوامي ريليف لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان، امن ڳالهه ٻولهه تي راضي ٿيڻ جي لاءِ ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جا دل سان ٿورا ادا ڪيا

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي ريليف جي لاءِ پيٽرول جي قيمت 12 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 135 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيٽرول هاڻي 378 رپين کان گهٽ ٿي 366 رپيا ۽ ڊيزل 520 رپين کان گهٽ ٿي 385 رپين تي دستياب هوندو، موٽرسائيڪل، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين جي لاءِ سبسڊي بدستور جاري …

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي ريليف جي لاءِ پيٽرول جي قيمت 12 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 135 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيٽرول هاڻي 378 رپين کان گهٽ ٿي 366 رپيا ۽ ڊيزل 520 رپين کان گهٽ ٿي 385 رپين تي دستياب هوندو، موٽرسائيڪل، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين جي لاءِ سبسڊي بدستور جاري رهندي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان نار ۾ هاڻي جنگ جون نه پر امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ايران ۽ آمريڪا جي قيادت اسان جي پرخلوص دعوت تي ڳالهه ٻولهه واري عمل جي لاءِ اسلام آباد اچي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ان ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي، اهو رڳو پاڪستان جي لاءِ ئي نه اسلامي دنيا جي لاءِ قابل فخر لمحو آهي، عارضي جنگبندي ٿي چڪي آهي، مستقل امن جو ڏکيو مرحلو ڳالهه ٻولهه سان طئي ٿيندو، امن عمل جي ڪاميابي سان ڪيتريون معصوم زندگيون بچي وينديون، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس ٽيم جون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي شاندار ڪردار کي سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار قوم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي هڪ تاريخي موقعي تي مخاطب آهيان جڏهن الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان نار ۾ هاڻي جنگ جون نه پر امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ اهي ڌريون جيڪي ڪالهه تائين جنگ ۾ آمهون سامهون هيون ۽ خطي ۾ تباهي جو منظر هو، اڄ الحمدالله ٻئي ڌريون ڳالهه ٻولهه جي ذريعي معاملن کي طئي ڪرڻ تي راضي ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته هو انتهائي اهم اڳڀرائي تي ڀائر ملڪ ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جا دل سان ٿورا ادا ڪري ٿو جن سندس تجويز قبول ڪندي نه رڳو عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو پر سندس پرخلوص دعوت تي ٻنهي ملڪن جي قيادت اسلام آباد اچي رهي آهي جتي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان کي الله تعالى ميزباني جو شرف عطا فرمايو آهي، اهو رڳو پاڪستان جي لاءِ ئي نه پر اسلامي دنيا جي لاءِ فخر جو لمحو آهي ۽ جنهن جي لاءِ اسان الله تعالى جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ ترين لمحن ۾ پاڪستان جي قيادت انتهائي محتاط انداز ۾ وڏي اعتماد سان ٻنهي ڌرين کي عارضي جنگبندي تي نه رڳو راضي ڪيو پر اسلام آباد اچڻ جي لاءِ پرخلوص دعوت ڏني ان جي لاءِ هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم ۽ خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس ٽيم کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن اڻٿڪ محنت جي ذريعي جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ ڌرين کي ڳالهه ٻولهه تي راضي ڪرڻ جي لاءِ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ان حوالي سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خدمتن کي تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته عارضي جنگبندي جو اعلان ٿي چڪو آهي پر هاڻي ان کان به وڌيڪ ڏکيو مرحلو پائيدار جنگبندي جو آهي، ڳالهه ٻولهه جي ذريعي الجهيل مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته اها ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون ڪري، اهڙي طرح ڪيتريون ئي معصوم زندگيون بچي وينديون ۽ دنيا ۾ امن قائم ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ان جي لاءِ سڀاڻي ٻنهي ملڪن جي قيادت اسلام آباد ۾ موجود هوندي ۽ پاڪستاني قيادت ان ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش خلوص سان ڪندي. وزيراعظم چيو ته جڏهن کان اهو قيامت خيز مهنگائي جو طوفان آيو آهي مون قوم سان اهو واعدو ڪيو هو ته جيئن ئي عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون انشاءَ الله اهو فائدو فوري طور تي عوام تائين پهچائيندس، اڄ عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي ۽ مون کي اهو مشورو ڏنو ويو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ عوام تائين ان قيامت خيز مهانگائي کي روڪڻ جي لاءِ جيڪي پاڪستان حڪومت پنهنجي وسيلن سان 129 ارب رپيا خرچ ڪيا هئا انهن خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هاڻي تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي ان جو ڪجهه حصو عوام کي پهچايو وڃي ۽ ڪجهه حصو روڪي 129 ارب رپين جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هن هڪ لمحي جي دير کانسواءِ اها تجويز رد ڪري ڇڏي ڇو ته جڏهن قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون ۽ مهانگائي جو بار عوام جي مٿان هو ته عوام صبر ۽ تحمل ۽ برداشت سان اهو مهانگائي جو بار برداشت ڪيو ۽ اڄ جڏهن قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي ته ان کي پنهنجي اخلاقي سياسي ذميواري سمجهان ٿو ته ان گهٽتائي جو هڪ هڪ رپيو عوام جي قدمن ۾ نڇاور ڪيو وڃي جتي تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي اتي حڪومت ٻين ذريعن سان ڪجهه وسيلا گڏ ڪري ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط جي ذريعي پنهنجو ڀرپور حصو وڌو آهي ڇو ته ڪڻڪ جو لاٻارو شروع ٿي چڪو آهي پنهنجي محنتي آبادگارن جي لاءِ لاڳت گهٽ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته نه رڳو آبادگار جي محنت ضايع ٿي ويندي پر عام شهري جي لاءِ پڻ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي وينديون تنهن ڪري ڊيزل جي قيمت ۾ 135 رپيا في ليٽر جي گهٽتائي جو اعلان ڪريان ٿو ڊيزل جي قيمت جيڪا هن وقت 520 رپيا في ليٽر آهي اها اڄ رات 12 وڳي گهٽ ٿي 385 رپيا في ليٽر ۾ دستياب هوندي جنهن سان نه رڳو زرعي شعبي ۾ آساني پيدا ٿيندي پر عام ماڻهو جي لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ پڻ وڏي گهٽتائي ايندي، اهڙي طريقي سان پيٽرول جي قيمت ۾ گذريل هفتي 80 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو ان ۾ اڄ وڌيڪ 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري رهيو آهيان ۽ اهڙي طرح پيٽرول جي قيمت اڄ رات 12 وڳي کان 378 رپين کان گهٽ ٿي 366 رپيا في ليٽر ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته گذريل جمعي تي هن چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي مشوري ۽ انهن جي ڀرپور تعاون سان جنهن ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اعلان ڪيو هو ڀلي اهو موٽرسائيڪل، پبلڪ ٽرانسپورٽ يا مال بردار گاڏيون هجن انهن جي لاءِ اها سبسڊي بدستور جاري رهندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي مشڪل ترين حالتن ۾ عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي، عوام جو مفاد حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کيس ان کان وڌيڪ ڪا شيءَ عزيز نه آهي، قومون رڳو حڪومتي فيصلن سان نه پر عوام جي اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان ترقي ڪنديون آهن تنهن ڪري اسان سڀ گڏجي ايثار جي گڏيل جذبي سان محنت ۽ ديانت سان الله تعالى کي گواهه بڻائي اڳتي وڌنداسين ۽ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته انشاءَ دنيا جي ڪا طاقت اسان کي پنهنجو عظيم مقام حاصل ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي، الله تعالى کي منظور ٿيو ته اسان هڪ وقار، مضبوط ۽ ترقي طرف تيزي سان منزل طئي ڪندڙ پاڪستان ايندڙ نسلن جي حوالي سان ڪنداسين.