اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب پاران پاڪستان جي مسلسل اقتصادي ۽ مالي معاونت کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، پاڪستان سعودي عرب سان هر شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هو سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد …
پاڪستان سعودي عرب سان هر شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب پاران پاڪستان جي مسلسل اقتصادي ۽ مالي معاونت کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، پاڪستان سعودي عرب سان هر شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هو سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد بن عبدالله الجدعان سان ڳالهائي رهيو جنهن پنهنجي هڪ ڏينهن جي اسلام آباد جي دوري دوران ساڻس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊر مارشل سيد عاصم منير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. سعودي ناڻي واري وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پنهنجي تازي خوشگوار ۽ دوستاڻي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کي محبت سان ياد ڪيو. هن پاڪستان جي لاءِ ولي عهد جي گهري محبت ۽ گذريل سالن ۾ پاڪستان کي سعودي عرب جي مسلسل اقتصادي ۽ مالي معاونت کي ساراهيو، جنهن پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط رشتو آهي جيڪو ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سرپرستي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سعودي عرب سان واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ترقي سميت هر شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سعودي ناڻي واري وزير وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سعودي عرب، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي، گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.












