برطانوي وزيراعظم جي وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون، اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي ٽيليفون آئي، جنهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۾ پاڪستان جي موثر سفارتي ڪوششن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي بحالي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران برطانوي وزيراعظم اسلام آباد ۾ امن ڳالهه ٻولهه جي ميزباني تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد …

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي ٽيليفون آئي، جنهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۾ پاڪستان جي موثر سفارتي ڪوششن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي بحالي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران برطانوي وزيراعظم اسلام آباد ۾ امن ڳالهه ٻولهه جي ميزباني تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ان عمل جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي عزم جو ورجاءُ ڪندي يورپي ۽ عالمي اڳواڻن، بشمول وزيراعظم اسٽارمر، جي گڏيل پڌرنامي جي آجيان ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي امن ڪوششن جي توثيق ڪئي وئي آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگبندي کي برقرار رکيو وڃي ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو وڃي. ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي برطانوي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت جو ورجاءُ پڻ ڪيو.