اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيفا سيريز 2026ع ۾ تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي ۽ 8-0 جي تاريخي فتح قوم جي لاءِ فخر جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته رانديگرياڻين عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن، ٽيم ورڪ ۽ عزم جو …
صدر آصف علي زرداري پاران فيفا سيريز 2026ع ۾ تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم کي مبارڪون
اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيفا سيريز 2026ع ۾ تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي ۽ 8-0 جي تاريخي فتح قوم جي لاءِ فخر جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته رانديگرياڻين عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن، ٽيم ورڪ ۽ عزم جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عورت رانديگرياڻين جون ڪاميابيون ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوانن جا حوصلا بلند ڪرڻ جو ذريعو آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي راندين جي فروغ ۽ باصلاحيت رانديگرين جي سرپرستي جاري رکڻ قومي ترجيح آهي. هن چيو ته ٽيم جي ڪاميابي پاڪستان ۾ وومينز فٽبال جي روشن مستقبل جي عڪاس آهي.












