پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ نيڌر لينڊز جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي نيڌر لينڊز جي پرڏيهي وزير ٽام بيرينڊسن وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آَفيس مان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بيرينڊسن جنگ بندي جي قيام ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پائيدار امن لاءِ سفارتي رستي کي هٿي ڏيڻ جي پاڪستان جي …

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي نيڌر لينڊز جي پرڏيهي وزير ٽام بيرينڊسن وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آَفيس مان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بيرينڊسن جنگ بندي جي قيام ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پائيدار امن لاءِ سفارتي رستي کي هٿي ڏيڻ جي پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن طرفان لبنان ۾ جنگ بندي جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پائيدار امن لاءِ جنگ بندي تي مڪمل عملدرآمد جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪستان ۽ نيڌر ليندز جي مضبوط لاڳاپن جي توثيق ڪندي ڌرين واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو.