پاڪ بحريه جو وقت سر آپريشن، پرڏيهي واپاري جهاز جي عملي جي 18 ڄڻن کي حفاظت سان بچايو ويو

راولپنڊي-10 اپريل (اي پي پي) پاڪ بحريه تيز رفتار انساني همدردي تحت هڪ ڪامياب آپريشن دوران اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل هڪ واپاري سامونڊي جهاز جي 18 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سامونڊي حد ۾ اٽڪل 200 ناٽيڪل مائلز (370 ڪلوميٽر) پري مرچنٽ ويسل ”ايم وي گولڊ آٽم“ طرفان مدد جي ڪال ملي جنهن تي پاڪستان نيوي جي جهاز ”پي اين …

راولپنڊي-10 اپريل (اي پي پي) پاڪ بحريه تيز رفتار انساني همدردي تحت هڪ ڪامياب آپريشن دوران اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل هڪ واپاري سامونڊي جهاز جي 18 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سامونڊي حد ۾ اٽڪل 200 ناٽيڪل مائلز (370 ڪلوميٽر) پري مرچنٽ ويسل ”ايم وي گولڊ آٽم“ طرفان مدد جي ڪال ملي جنهن تي پاڪستان نيوي جي جهاز ”پي اين ايس حنين“ فوري طور تي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. ريسڪيو ڪيل ماڻهن ۾ چين، بنگلاديش، ميانمار، ويٽنام ۽ انڊونيشيا جا شهري شامل آهن. پي اين ايس حنين تي موجود ماهر ٽيم نه رڳو عملي کي حفاظت سان ڪڍيو پر کين طبي امداد فراهم ڪئي. باهه وسائڻ ۾ مدد جي ۽ جهاز کي پهتل نقصان جو به جائزو ورتو. سمورن ماڻهن کي وڌيڪ طبي سهولتن ۽ پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪ نيوي جي جهاز طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن کان پري توسيع رينج ۾ فراهم ڪيل انساني امداد لاڳاپيل علائقي ۾ سامونڊي بحران جي صورتحال جو فوري جواب پاڪستان نيوي جي مسلسل عزم ۽ ذميواري جي عڪاسي ڪري ٿي.