ايبٽ آباد-10 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف امڪاني علائقائي جنگ جي خطري کي ٽارڻ تي پاڪستان لاءِ خوشي، اعزاز ۽ وقار جو تاريخي لمحو قرار ڏيندي ان کي قيادت جي موثر حڪمت عملي ۽ الله تعاليٰ جي خاص مهرباني جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيادت تي عالمي اعتماد قوم لاءِ فخر جوڳو آهي. اهڙو …
پاڪستان جي قيادت تي عالمي اعتماد قوم لاءِ فخر جوڳو آهي: سردار محمد يوسف
ايبٽ آباد-10 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف امڪاني علائقائي جنگ جي خطري کي ٽارڻ تي پاڪستان لاءِ خوشي، اعزاز ۽ وقار جو تاريخي لمحو قرار ڏيندي ان کي قيادت جي موثر حڪمت عملي ۽ الله تعاليٰ جي خاص مهرباني جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيادت تي عالمي اعتماد قوم لاءِ فخر جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج کي پنهنجي نعمتن سان نوازيو آهي جنهن سبب هي خطرو ٽري ويو آهي جيڪو نه رڳو خطي پر سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهيو پئي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جيق قيادت کي ساراهيندي چيو ته انهن جي محنت ۽ حڪمت عملي سمورين جو اعتماد حاصل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جنگ بندي ممڪن ٿي ۽ ڳالهيون شروع ٿيون. سردار محمد يوسف چيو ته پاڪستان جي قيادت تي عالمي اعتماد قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، آمريڪا ۽ ايران سميت ٻين ملڪن طرفان اعتماد جو اظهار سفارتي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عارضي جنگ بندي مستقل امن ۾ تبديل ٿيندي. هن قوم کي مبارڪون ڏيندي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن خاص ڪري عالم سڳورن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته خصوصي دعائون گهريون وڃن ته جيئن ڳالهيون ڪامياب ٿين ۽ خطي سميت پوري دنيا ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي.












