وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي شروعات جي آجيان

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي شروعات جي آجيان ڪندي ان کي عالمي امن لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن پاڪستان اچڻ تي آمريڪي نائب صدر ۽ ايراني قيادت کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد عالمي سياسي توجهه جو مرڪز بڻجي چڪو آهي جيڪو پاڪستان جي …

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي شروعات جي آجيان ڪندي ان کي عالمي امن لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن پاڪستان اچڻ تي آمريڪي نائب صدر ۽ ايراني قيادت کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد عالمي سياسي توجهه جو مرڪز بڻجي چڪو آهي جيڪو پاڪستان جي موثر ۽ متوازن سفارتڪاري جو اظهار آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بهترين قيادت ۽ ڪامياب سفارتي حڪمت عملي سبب پاڪستان جي ڪردار کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن کي به ساراهيندي چيو ته هي گڏيل قدم پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن. عبدالعليم خان سڄي دنيا ۾ جاري تڪرارن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امن ئي ترقي ۽ خوشحالي جو واحد رستو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عملي طور پاڻ کي عالمي امن جو علمبردار ثابت ڪيو آهي ۽ علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد مان سڄي دنيا لاءِ امن ۽ استحڪام جو پيغام ويندو ۽ جاري ڳالهيون ڪاميابي سان مثبت نتيجا ڏينديون.