راولپنڊي-10 اپريل (اي پي پي)سٽي پوليس آفيسر سيد خالد محمود همداڻي جي هدايت تي پرڏيهي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. 5 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪري شهر جي اچ وڃ جي رستن تي 350 کان وڌيڪ خاص چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. پوليس ترجما موجب سي پي او سيد خالد محمود همداڻي جي حڪمن تي راولپنڊي، چڪوال ۽ مري …
پرڏيهي وفدن جي آمد، راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، 5 هزار اهلڪار مقرر، بازارون ۽ بس اڏا بند
راولپنڊي-10 اپريل (اي پي پي)سٽي پوليس آفيسر سيد خالد محمود همداڻي جي هدايت تي پرڏيهي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. 5 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪري شهر جي اچ وڃ جي رستن تي 350 کان وڌيڪ خاص چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. پوليس ترجما موجب سي پي او سيد خالد محمود همداڻي جي حڪمن تي راولپنڊي، چڪوال ۽ مري پوليس جا آفيسر فيلڊ ۾ موجود رهي سيڪيورٽي ڊيوٽيز جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن، سڄي شهر ۾ ايليٽ فورس، ڊولفن فورس ۽ ٻين ڪوئيڪ ريسپانس يونٽس کي الرٽ ڪري اهم شاهراهن تي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس لائنز هيڊڪوارٽرز ۾ سي پي او جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ فول پروف سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. حساس هنڌن، اهم سرڪاري ۽نجي عمارتن ۽ قيام گاهن جي چوڌاري سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سيف سٽي ڪئميرائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ جاري آهي. سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي شهر جي اچ وڃ جي رستن تي سخت چيڪنگ لاڳو ڪندي بس اڏن کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارڪيٽن، هوٽلن ۽ ٻين اهم هنڌن تي به نگراني سخت ڪئي وئي آهي. ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ خصوصي پلان جوڙي شهرين کي متبادل رستا فراهم ڪيا ويا آهن. سي پي او جو چوڻ هو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.












