اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري ويٽنام جي صدر ٽولام کي سندس چونڊجڻ تي دلي طور واڌايون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي طرفان متفقه طور چونڊجڻ سندس قيادت تي ڀرپور اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق پنهنجي مبارڪن واري خط ۾ صدر مملڪت ان يقين جو اظهار ڪيو ته صدر ٽولام جي قيادت ۾ ويٽنام ترقي ۽ خوشحالي …
صدر مملڪت پاران ويٽنام جي هم منصب کي مبارڪون، ٻطرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار
اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري ويٽنام جي صدر ٽولام کي سندس چونڊجڻ تي دلي طور واڌايون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي طرفان متفقه طور چونڊجڻ سندس قيادت تي ڀرپور اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق پنهنجي مبارڪن واري خط ۾ صدر مملڪت ان يقين جو اظهار ڪيو ته صدر ٽولام جي قيادت ۾ ويٽنام ترقي ۽ خوشحالي جون نيون منزلون طئي ڪندو. پاڪستان ۽ ويٽنام جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ خير سگالي تي ٻڌل خوشگوار ۽ دوستاڻا رابطا قائم آهن. هن صدر ٽولام سان گڏجي ٻطرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڌيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ سميت ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفادن لاءِ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.












