اسلام آباد ڳالهين ۾ شريڪ ملڪن جي نمائندن ۽ صحافين لاءِ ويزا فري سفر جي سهولت فراهم ڪئي آهي: پرڏيهي آَفيس جو ترجمان

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين لاءِ ويزا فري سهولت بابت ميڊيا جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان اسلام آباد ڳالهيون 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن يعني ايران ۽ آمريڪا بابت تعلق رکندڙ نمائندن ۽ صحافين لاءِ ويزا فري سفر جي سهولت فراهم ڪئي آهي. گذريل ڏينهن هڪ وضاحتي بيان …

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين لاءِ ويزا فري سهولت بابت ميڊيا جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان اسلام آباد ڳالهيون 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن يعني ايران ۽ آمريڪا بابت تعلق رکندڙ نمائندن ۽ صحافين لاءِ ويزا فري سفر جي سهولت فراهم ڪئي آهي. گذريل ڏينهن هڪ وضاحتي بيان ۾ هن چيو ته اها سهولت صرف ڳالهين جي وقت تائين محدود هوندي. ترجمان واضح ڪيو ته اها سهولت ڪنهن ٽئين ملڪ جي شهرين تي لاڳو نه هوندي.