ڳالهين لاءِ اسلام آباد ايندڙ نمائندن کي ويزا آن ارائيول سهولت فراهم ڪئي ويندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ڳالهين لاءِ اسلام آباد ايندڙ نمائندن کي ويزا آن آرائيول سهولت فراهم ڪندو. نائب وزيراعظم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان اسلام آباد ڳالهيون 2026ع جي سلسلي ۾ سفر ڪندڙ ملڪن جي صحافين سميت سمورن نمائدن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ان مقصد لاءِ سمورين ايئر …

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ڳالهين لاءِ اسلام آباد ايندڙ نمائندن کي ويزا آن آرائيول سهولت فراهم ڪندو. نائب وزيراعظم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان اسلام آباد ڳالهيون 2026ع جي سلسلي ۾ سفر ڪندڙ ملڪن جي صحافين سميت سمورن نمائدن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ان مقصد لاءِ سمورين ايئر لائنز کي درخواست ڪئي وڃي ٿي ته اهڙن سمورن ماڻهن کي بنا ويزا جي بورڊنگ جي اجازت ڏين. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ اميگريشن عملدار کين اچڻ تي ويزا جاري ڪندا.