نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان فرانس جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي فرانس جي پرڏيهي وزير جين نول بيروٽ ٽيليفون ڪيو جنهن دوران خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب فرانس جي پرڏيهي وزير جين نول بيروٽ جنگ بندي جي شروعاتي معاهدي کي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار تي مبارڪون ڏنيون …

اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي فرانس جي پرڏيهي وزير جين نول بيروٽ ٽيليفون ڪيو جنهن دوران خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب فرانس جي پرڏيهي وزير جين نول بيروٽ جنگ بندي جي شروعاتي معاهدي کي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار تي مبارڪون ڏنيون ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي عمل اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگ بندي جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگ بندي کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي احترام جي اهميت تي زور ڀريو. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، اقتصادي ۽ واپاري سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.