قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل مبارڪن واري پيغام ۾ هن  چيو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون …

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل مبارڪن واري پيغام ۾ هن  چيو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئه ڪري رهيو آهي. مملڪت ۾ غير معمولي ترقي ۽ ڪاميابيون سعودي عرب جي عوام لاءِ فخر جو سبب آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي پراڻي دوستي کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ سعودي مجلس شوريٰ وچ ۾ مضبوط رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.