عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل سميت سون ۽ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو لاڙو

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي جو لاڙو رهيو، جڏهن ته سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ پڻ لاٿ آئي. ميڊيا رپورٽن موجب ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 1.30 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 98.22 ڊالر  ۽ برينٽ ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 0.79 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 98.46 ڊالرز في …

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي جو لاڙو رهيو، جڏهن ته سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ پڻ لاٿ آئي. ميڊيا رپورٽن موجب ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 1.30 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 98.22 ڊالر  ۽ برينٽ ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 0.79 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 98.46 ڊالرز في بيرل ۾ طئه ٿيا. اسپاٽ گولڊ جي اگهه ۾ 30.06 ڊالر جي گهٽتائي آئي ۽ سون جو اگهه 4330.66 ڊالرز في اونس ۽ چاندي جو اگهه 0.21 ڊالر جي اضافي کان پوءِ 66.74 ڊالر في اونس ۾ طئه ٿيا. مڪئي جو اگهه 5.25 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 531.50 ڊالرزجڏهن ته ڪڻڪ جو اگهه 8.50 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 708.75 ڊالرز في بشل ٿي ويو. اهڙي ريت ڪپهه جي اگهه ۾ 0.09 سيڪڙو جڏهن ته چوپائي مال جي اگهه ۾ 2.55 ڊالرز  جو اضافو ٿيو.