اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ آپريشن شعبان 2 تحت دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته فورسز وقت تي ڪامياب ڪارروائي ذريعي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي …
وفاقي گهرو وزير پاران آپريشن شعبان 2 تحت دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ آپريشن شعبان 2 تحت دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته فورسز وقت تي ڪامياب ڪارروائي ذريعي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان پوري قوم جو فخر آهن ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پوري قوم پنهنجي فوج ۽ سيڪيورٽي ارادن سان گڏ آهي.












