راولپنڊي- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي سهڪار سان بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ انٽيليجنس بيسڊ ”منشيات جي اسمگلنگ جي روڪ ٿام لاءِ“ِ آپريشن ڪندي پابندي پيل شين جي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب تصديق ٿيل اطلاع تي ڪيل ان گڏيل ڪارروائي دوران وڏي …
پاڪستان نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز پاران گڏيل آپريشن، منشيات ۽ غير قانوني دوائون هٿ
راولپنڊي- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي سهڪار سان بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ انٽيليجنس بيسڊ ”منشيات جي اسمگلنگ جي روڪ ٿام لاءِ“ِ آپريشن ڪندي پابندي پيل شين جي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب تصديق ٿيل اطلاع تي ڪيل ان گڏيل ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ پرڏيهي شراب ۽ غير قانون دوائون ضبط ڪيون ويون. جڏهن ته ضبط ڪيل سامان وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي حوالي ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اها ڪامياب ڪارروائي ادارن وچ ۾ اثرائتن رابطن جو ثبوت آهي. پاڪستان نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز پاڪستان جي سامونڊي ۽ زميني رستن کي غير قانوني سرگرمين کان محفوط رکڻ لاءِ پرعزم آهي.












