راولپنڊي- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پا ڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) برادر ملڪ سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لازوال رشتي ۽ تاريخي اخوت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص نغمو ” ايڪ دوجي ڪي جان “ جاري ڪيو آهي. اردو ۽ عربي ٻولي ۾ ڳايل نغمو پاڪ سر زمين جي حرمت سان جڙيل مضبوط …
سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي آءِ ايس پي آر جو خاص نغمو جاري
راولپنڊي- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پا ڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) برادر ملڪ سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لازوال رشتي ۽ تاريخي اخوت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص نغمو ” ايڪ دوجي ڪي جان “ جاري ڪيو آهي. اردو ۽ عربي ٻولي ۾ ڳايل نغمو پاڪ سر زمين جي حرمت سان جڙيل مضبوط لاڳاپن ۽ گڏيل قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو. گيت جي ٻولن ۽ ڌن ۾ ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي، گڏيل دفاعي شراڪتداري ۽ خطي ۾ امن جي گڏيل عزم کي شاندار طريقي سان اجاگر ڪيو ويو آهي.












