اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد جي مختلف پيٽرول پمپس جو دورو ڪيو ۽ وزير اعظم شهباز شريف پاران فراهم ڪيل پيٽرول رليف اسڪيم تي عملدرآمد سميت شهرين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري ٻڌايو ته اسلام آباد جي 147 پيٽرول پمپس تي رليف اسڪيم جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جنهن …
گهرو معاملن واري مملڪتي وزير پاران اسلام آباد جي مختلف پيٽرول پمپس جو دورو
اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد جي مختلف پيٽرول پمپس جو دورو ڪيو ۽ وزير اعظم شهباز شريف پاران فراهم ڪيل پيٽرول رليف اسڪيم تي عملدرآمد سميت شهرين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري ٻڌايو ته اسلام آباد جي 147 پيٽرول پمپس تي رليف اسڪيم جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جنهن دوران صرف هڪ هفتي ۾ 1 لک 50 هزار موٽر سائيڪل سوار ۽ ننڍين گاڏين جا مالڪ فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪمزور طبقي جي آساني لاءِ لاڳاپيل پيٽرول پمپس تي فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو نه پوي.












