پاڪستان جو 1973ع جو آئين وفاق ۽ قومي اتحاد جي خوبصورت علامت آهي: وزيراعظم پاران يوم دستور جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو 1973ع جو آئين وفاق ۽ قومي اتحاد جي خوبصورت علامت آهي، سمورا رياستي ايڪا قومي ٻڌي، مجموعي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار خوش اصلوبي سان انجام ڏئي رهيا آهن، پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪندي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو 1973ع جو آئين وفاق ۽ قومي اتحاد جي خوبصورت علامت آهي، سمورا رياستي ايڪا قومي ٻڌي، مجموعي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار خوش اصلوبي سان انجام ڏئي رهيا آهن، پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪندي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان يوم دستور (10 اپريل) جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي منظوري جو ڏينهن قومي جذبي سان ملهائي رهيا آهيون، اسان دستور جي معمارن کي خاص خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، آئين عوام ۽ رياست وچ ۾ مقدس معاهدي جو نالو آهي جيڪو ٻنهي جي حقن ۽ فرضن جو قانوني، اخلاقي ۽ انتظامي تعين ڪري ٿو. 10 اپريل 1973ع تي منظور ڪيل اتفاق راءِ واري آئين ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري حڪومتي نظام ۽ رياست پاڪستان جي مضبوط ادارن جي ڍانچي جو بنياد رکيو. هن چيو ته 1973ع جو آئين سمورن شهرين جي بنيادي انساني حقن جو محافظ آهي، اهو آئيني دستاويز نه رڳو بنيادي انساني حقن کي تفصيل سان بيان ڪري ٿو پر انهن جي فراهمي لاءِ قانوني لائحه عمل کي به يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته 73ع جو آئين وفاقِ پاڪستان ۽ قومي اتحاد جي خوبصورت علامت آهي. وفاقي پاڪستان جا سمورا رياستي ايڪا قومي ٻڌي ۽ مجموعي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار خوش اصلوبي سان انجام ڏئي رهيا آهن ۽ روشن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، اهو ئي فخر جوڳو اتفاق اسان جي ملڪ تي الله پاڪ جي فضل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي جنهن عزت سان نوازيو آهي ان جي لاءِ اسان سندس آڏو سجدو ڪيون ٿا، پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر انشاءَ الله جاري رکندو.