بلوچستان جي وڏي وزير پاران بزرگ سياستدان سردار ذوالفقار علي کوسه جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ڪوئيٽه – 10 اپريل (اي پي پي)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي بزرگ سياستدان سردار ذوالفقار علي کوسه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته سردار ذوالفقار علي کوسه هڪ انتهائي ديانتدار، شريف ۽ مدبر سياستدان هو، جنهن پنهنجي ڊگهي سياسي جدوجهد دوران عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. …

ڪوئيٽه – 10 اپريل (اي پي پي)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي بزرگ سياستدان سردار ذوالفقار علي کوسه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته سردار ذوالفقار علي کوسه هڪ انتهائي ديانتدار، شريف ۽ مدبر سياستدان هو، جنهن پنهنجي ڊگهي سياسي جدوجهد دوران عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعليٰ چيو ته سندس لاڏاڻي سان هڪ مهذب ۽ باوقار سياسي ڪردار جو باب ختم ٿي ويو آهي، جنهن جو خال ڊگهي عرصي تائين محسوس ڪيو ويندو. هن مرحوم جي ڪٽنب ۽ پونئرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.