اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنجاب جي اڳوڻي گورنر سردار ذوالفقار علي کوسه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ، سردار ذوالفقار علي کوسه جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سردار ذوالفقار علي کوسه هڪ ڏاهو سياستدان هو، مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران پنجاب جي اڳوڻي گورنر سردار ذوالفقار علي کوسه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنجاب جي اڳوڻي گورنر سردار ذوالفقار علي کوسه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ، سردار ذوالفقار علي کوسه جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سردار ذوالفقار علي کوسه هڪ ڏاهو سياستدان هو، مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اسپيڪر مرحوم سردار ذوالفقار علي کوسه جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اسپيڪر سردار اياز صادق الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.












