سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران نوابزاده جميل اڪبر بگٽي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر، نوابزاده جميل اڪبر خان بگٽي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نوابزاده جميل اڪبر خان بگٽي هڪ باوقار قبائلي ۽ سياسي شخصيت هئي، جنهن بلوچستان جي …

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر، نوابزاده جميل اڪبر خان بگٽي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نوابزاده جميل اڪبر خان بگٽي هڪ باوقار قبائلي ۽ سياسي شخصيت هئي، جنهن بلوچستان جي عوام جي حقن ۽ ترقي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس وفات سان ملڪ خاص ڪري بلوچستان هڪ مخلص ۽ با اثر اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرحوم جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.