اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي جمهوريه جرمني جي چانسلر فريڊرڪ مرز جنگبندي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جاري رتوڇاڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پوري خطي ۾ امن واپس ايندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …
وزيراعظم شهباز شريف کي وفاقي جمهوريه جرمني جي چانسلر فريڊرڪ مرز جي ٽيليفون، وزيراعظم جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي جمهوريه جرمني جي چانسلر فريڊرڪ مرز جنگبندي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جاري رتوڇاڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پوري خطي ۾ امن واپس ايندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وفاقي جمهوريه جرمني جي چانسلر فريڊرڪ مرز ٽيليفون ڪئي. پنهنجي گرمجوش ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران جرمن چانسلر وزيراعظم جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو جن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ جنگبندي ۽ هن هفتي اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿيندي. جرمن چانسلر جا پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ حقيقي ثالثي جي ڪوششن جي توثيق تي ٿورا ادا ڪندي وزيراعظم چيو ته جنگبندي کي جاري رکڻ کي يقيني بڻائڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ڳالهه ٻولهه جا ڪامياب نتيجا نڪرن. ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جاري رتوڇاڻ تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پوري خطي ۾ امن واپس ايندو.












