اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار علائقائي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي جي حوالي سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بايراموف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بايراموف شروعاتي جنگبندي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي علائقائي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي جي حوالي سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار علائقائي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي جي حوالي سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بايراموف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بايراموف شروعاتي جنگبندي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ڪوششون پائيدار امن جو سبب بڻجنديون. ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












