سينيٽ چيئرمين پاران پير سيد معين الحق گيلاني جي وڏي پُٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سجاده نشين درگاهه غوثيه گولڙه شريف پير سيد معين الحق گيلاني جي وڏي پُٽ پير سيد مهر فريد الحق مهر گيلاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪرڻ لاءِ گولڙه شريف ويو، جتي هن مرحوم جي ڪٽنب ۽ عقيدتمندن سان ملاقات ڪئي ۽ دلي همدردي، تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد …

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سجاده نشين درگاهه غوثيه گولڙه شريف پير سيد معين الحق گيلاني جي وڏي پُٽ پير سيد مهر فريد الحق مهر گيلاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪرڻ لاءِ گولڙه شريف ويو، جتي هن مرحوم جي ڪٽنب ۽ عقيدتمندن سان ملاقات ڪئي ۽ دلي همدردي، تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پير سيد مهر فريد الحق شاهه مهر گيلاني هڪ ناليوارو روحاني ۽ باوقار مذهبي اڳواڻ هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي اسلام جي خدمت ۽ انسانيت جي فلاح لاءِ وقف ڪري رکي هئي. هن جو چوڻ هو ته مرحوم جي وفات سان مذهبي ۽ روحاني طبقي ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو جيڪو وڏي عرصي تائين محسوس ڪيو ويندو. هن مرحوم جي ديني، روحاني ۽ـ سماجي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس رهنمائي ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ ڪيل ڪوششون هميشه ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين، پير سيد مهر فريد الحق مهر گيلاني جي لاڏاڻي کي وڏو سانحو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙين شخصيتن جي کوٽ مدتن تائين محسوس ڪئي وڃي ٿي. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي درجن جي بلندي، بخشش ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دُعا ڪندي چيو ته ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ هو سوڳوارن ۽ عقيدتمندن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهي.