اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي تاريخي امن قدم تي دلي مبارڪباد ڏيندي امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڻٿڪ ۽ مخلصاڻي ڪوششن جي ترڪيه پاران مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي جمهوريه ترڪيه …
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي تاريخي امن قدم تي دلي مبارڪون
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي تاريخي امن قدم تي دلي مبارڪباد ڏيندي امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڻٿڪ ۽ مخلصاڻي ڪوششن جي ترڪيه پاران مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي. ترڪ صدر خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي تاريخي امن قدم تي وزيراعظم کي دلي مبارڪباد ڏيندي نار ۾ تباهي آڻيندڙ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ وزيراعظم جي جرئتمنداڻي ۽ سمجهدار قيادت جي واکاڻ ڪئي، جنهن جي ڪري بي پناهه انساني مصيبتون ۽ بنيادي ڍانچي جي وسيع پئماني تي تباهي ٿي آهي. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڻٿڪ ۽ مخلصاڻي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه پاران مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي امن جي مخلصاڻي ڪوششن جي حوصلا افزائي ۽ توثيق تي ترڪ صدر جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. هن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












