نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي دعوت تي سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جا پرڏيهي وزير 29 ۽ 30 مارچ تي پاڪستان جو دورو ڪندا

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود، ترڪيه جو پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي 29 ۽ 30 مارچ تي پاڪستان جو دورو ڪندا. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندا، جن ۾ …

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود، ترڪيه جو پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي 29 ۽ 30 مارچ تي پاڪستان جو دورو ڪندا. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندا، جن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون شامل آهن. ٽنهي برادر ملڪن جا پرڏيهي وزير ان موقعي  تي وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندا. پاڪستان سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي برادراڻن ناتن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي. اهو دورو پاڪستان کي انهن ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. 

مزید خبریں