اسلام آباد - 28 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري جي پراجيڪٽ جو معائنو ڪيو ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر جي دوري دوران گهرو وزير هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ويو. گهرو وزير جاري تعميراتي سرگرمين کي جلد مڪمل …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر جو دورو، انفراسٽرڪچر جي بهتري جي جاري منصوبن جو جائزو ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري جي پراجيڪٽ جو معائنو ڪيو ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر جي دوري دوران گهرو وزير هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ويو. گهرو وزير جاري تعميراتي سرگرمين کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ سڌارن جو عمل هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ملازمت جي سمورن اشتهارن جي آن لائين نگراني ڪئي وڃي ۽ گمراهه ڪندڙ اشتهارن بابت عوامي آگاهي کي يقيني بڻايو وڃي، ايف آءِ اي کي هر قسم جي منظم ڏوهن خلاف هر اول جَٿي طور منظم ڪيو ويندو. هن ايف آءِ اي کي هر سطح تي مڪمل سپورٽ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو وزير کي اداري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن ۽ سندن سهولتڪارن جي جامع ڊيٽا جوڙي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته اداري ۾ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ شفاف ۽ اثرائتو نظام واضح ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ٻين ادارن سان ورڪنگ گروپ ۽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽيون بڻايون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته اميگريشن – اينٽي هيومن، اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ خلاف اثرائتي ڪارروائي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي عمل ۾ آندو پيو وڃي.











