مواصلات بابت وفاقي وزير جو تاجڪستان جي سفارتخاني جو دورو، ٻه طرفه سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاجڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ تاجڪ سفير شريف زاده يوسف توئير سان غير رسمي ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ دوستاڻا ۽ برادر لاڳاپا موجود آهن، ٻئي ملڪ مذهب جي مضبوط لاڳاپن سان جڙيل آهن. هن چيو ته پاڪستان …

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاجڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ تاجڪ سفير شريف زاده يوسف توئير سان غير رسمي ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ دوستاڻا ۽ برادر لاڳاپا موجود آهن، ٻئي ملڪ مذهب جي مضبوط لاڳاپن سان جڙيل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توئير جو خدمتون تحسين جوڳيون آهن. تاجڪستان سان ٻه طرفه واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان ۽ تاجڪستان کي ويجهو آڻڻ ۾ سفير جو اهم ڪردار آهي. عبدالعليم خان پنهنجي تاجڪستان جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ٻه طرفه مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. تاجڪستان جي سفير وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ تاجڪ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ واپاري راهداريون اهم آهن.

مزید خبریں