اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن نون ڊگريون مڪمل ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ نهايت اهم ۽ فخر جوڳو آهي، ڇو ته اها ڪاميابي سندن ذاتي محنت، والدين جي قربانين ۽ استادن جي رهنمائي جو نتيجو آهي. اهڙو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن جي والدين کين …
ڊاڪٽر پنهنجي پيشي ۾ همدردي، خلوص ۽ خدمت جي جذبي کي هميشه مقدم رکن: راجه پرويز اشرف

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن نون ڊگريون مڪمل ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ نهايت اهم ۽ فخر جوڳو آهي، ڇو ته اها ڪاميابي سندن ذاتي محنت، والدين جي قربانين ۽ استادن جي رهنمائي جو نتيجو آهي. اهڙو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن جي والدين کين ان مقام تائين پهچائڻ لاءِ بيشمار مشڪلاتون ڏٺيون ۽ اڄ سندن اها ڪاميابي اصل ۾ انهن سمورين ڪوششن جو ثمر آهي. هن چيو ته طبي شعبو نهايت ذميوار ۽ با عزت شعبو آهي، جنهن لاءِ الله تعاليٰ اوهان کي چونڊيو آهي. هن ڊگريون مڪمل ڊاڪٽرن کي چيو ته سٺو ڊاڪٽر رڳو بيماري جو علاج نه ڪندو آهي بلڪه ڏکويل انسانيت جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻيندو آهي، مريضن کي حوصلو ڏيندو آهي ۽ کين اميد ڏياريندو آهي. هن زور ڀريو ته ڊاڪٽرن کي گهرجي ته هو پنهنجي پيشي ۾ همدردي، خلوص ۽ خدمت جي جذبي کي هميشه مقدم رکن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي حوالي سان هن چيو ته اهو ملڪ جو هڪ ناميارو طبي تعليمي ادارو آهي جيڪو صحت جي شعبي ۾ اهم خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.











